اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بدعنواني جو خاتمو ۽ ڦريل دولت جي واپسي وڏا چئلينجز آهن، وائٽ ڪالر ڏوهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايف آءِ اي ۽ نيب جي وچ ۾ وسيع تر رابطي جي ضرورت آهي، گهربل هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ گهرو وزارت ۽ ان سان لاڳاپيل کاتن بابت بريفنگ جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم جي اداراجاتي سڌارن واري صل??حڪ??ر ڊاڪٽر عشرت حسين، وزيراعظم جي خصوصي معاون نعيم الحق ۽ افتخار دراني، قومي اسيمبلي ميمبر شهريار آ??ريدي، گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر، وزيراعظم جي سيڪريٽري اع??م خان ۽ گهرو وزارت جي مختلف کاتن جي سر??راهي ڪندڙ سينيئر آ??يسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔