ا??لا?? آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇ??يا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 747 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 5 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 32 هزار 31 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 10 هزار 881، پنجاب ۾ 11 هزار 239، خيبرپختونخوا ۾ 3 ه??ار 888، ا??لا?? آباد ۾ 3 ه??ار 442، بلوچستان ۾ هڪ هزار 617، گلگت بلتستان ۾ 533، آزاد ڪ??مير ۾ 431 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 96 هزار 881 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪ??مير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 93 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 8 هزار 903 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 12 هزار 263 آهي، جنهن مان آزاد ڪ??مير ۾ 2 هزار 698، بلوچستان ۾ 15 هزار 257، گلگت بلتستان ۾ 3 ه??ار 778، ا??لا?? آباد ۾ 16 هزار 581، خيبرپختونخوا ۾ 37 هزار 776، پنجاب ۾ 99 هزار 378 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 36 هزار 795 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 479 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا بابت تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر