اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪرناٽڪ جي هٿين خالي خددار ڇوڪري غنڊاگردي کي جهڙي طرح للڪاريو اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، اکنڊ ڀارت جي سوچ گانڌي ۽ نهرو جي سيڪيولر هن??ستان کي چٿي ڇڏيو، ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ ان جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکنداسين، پرڏيهي وزارت ۾ والاريل ڪشمير جي حوالي سان ٿيندڙ تصويري نمائش جي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته اڄ جي اها تصويري نمائش ان سنگين ظلمن جو نقشو پيش ڪري رهي آهي جيڪي مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين تي ڪيا ويا آهن، اڄ جي دور ۾ انهن حقيقتن کي لڪائي نٿو سگهجي. هن??ستان ڊس انفارميشن پکيڙي سگهي ٿو، غيرجانبدار مبصرين کي داخل ٿيڻ کان روڪي سگهي ٿو، پر سچ کي ٻاهر اچڻ کان نٿو روڪي سگهي، هن چيو ته ميڊيا خاص طور سوشل ميڊيا نوان معيار متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن، ڪرناٽڪ ۾ هڪ ??ٿين خالي خوددار ڇوڪري غنڊاگردي کي جهڙي طرح للڪاريو اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، ان اڪيلي ڇوڪري جي آواز سڄي دنيا جي ڪروڙين انسانن جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪرايو، شاهه محمود قريشي چيو ته اکنڊ ڀارت جي سوچ گانڌي ۽ نهرو جي سيڪيولر هن??ستان کي چِٿي ڇڏيو، هن??وتوا پاليسي ڪنهن قدر تباهي جو سبب بڻجي رهي آهي ان باري ۾ لکين ڪشميرين کي پڇو جيڪي هڪ ??دي ک??ن انهن کي منهن ڏيندا پيا اچن، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته سيڪيولر سوچ جو اڪثريت جي حڪمراني جي سوچ ۾ تبديل ٿيڻ ڪيترن ئي خطرن جو سبب آهي. ان هن??وتوا سوچ جي خلاف رد عمل سامهون اچي رهيو آهي، جنهن جي هڪ جهلڪ توهان هن??ستان جي اندر اٿندڙ آوازن مان لڳائي سگهو ٿا. هن چيو ته هن??ستان ۾ هڪ ??ڏو طبقو ۽ لوڪ سڀا جي اندر مخالف ڌر ان نظرياتي تبديلي جي خلاف آواز کڻي رهيا آهن اهي چئي رهيا آهن ته ان هن??وتوا سرڪار سيڪيولر ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت هجڻ جي دعويٰ کي ملياميٽ ڪري ڇڏيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته آئون سمجهان ٿو ته هن??ستان جي اندر اٿندڙ اهي آواز هڪ ??ئين تبديلي جو پيش خيمو آهن. آئون يقين سان چوڻ چاهيان ٿو ته اڄ ڀارت جي نفرت انگيز پاليسين جي ڪري ڪشميرين جي دل ۽ دماغ دهلي ک??ن تمام گهڻو پري وڃي چڪا آهن، اڄ انصاف کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جون نگاهون دهلي طرف ناهن لڳل، پر هو ??ن جبر جي خلاف بيهي رهيا آهن، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي خبر آهي ته اقتصادي مفاد ڪجهه وقت ماڻهن کي خاموش رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آهن پر سچ سدائين ظاهر ٿيندو آهي، منهنجي راءِ ۾ خودمختياري واري حق جي اها جدوجهد ڪامياب سان همڪنار ٿيندي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي ان جدوجهد ۾ انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکنداسين.
ڪرناٽڪ جي هٿين خالي خددار ڇوڪري جي غنڊاگردي کي للڪار مثال پاڻ آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں