اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پ??ڪس??ان ??حريڪ انصاف جي حڪومت ٻين ملڪن سان ??ختلاف پيدا ڪرڻ جي حق ۾ ??ه آهي، تنهن هوندي به هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته قومي خودمختياري ۽ ملڪ جي سالميت تي ڪو به ٺاهه نه ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزارت جي آفيسرن کي خطاب ڪندي هن چيو ته نئين پ??ڪس??ان ۾ پرڏيهي پاليسي جو ويزن قومي م??اد?? کي مٿانهون رکڻ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عالمي سطح تي بلاڪ سياست جي حمايت نٿي ڪري. پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته مضبوط پرڏيهي پاليسي تي عمل ڪرڻ لاءِ معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ اڻٽر آهي. شاهه محمود قريشي پرڏيهي پاليسي جي محاذ تي حڪومت پاران ڪيل ڪيترن ئي قدمن جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ اقتصادي سفارتڪاري، انگيج آفريقه پاليسي، سينٽرل ايشيا ويزن پاليسي ۽ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن ڊويزن جو قيام شامل آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ٻاهرين ملڪ پ??ڪس??اني سفارتڪارن جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو پيو وڃي ۽ پرڏيهي پ??ڪس??انين پاران موڪليل وڏو مٽاسٽا جو ناڻو ان ??قيقت جو عڪاس آهي. هن مارچ ۾ اسلام آباد ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن جي واکاڻ ڪئي.
حڪومت ٻين ملڪن سان اختلاف پيدا ڪرڻ جي حق ۾ نه آهي: مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : بونانزا