اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان 2018ع ۽ 2021ع جي ايڪشن پ??انز کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو آهي، پاڪستان جي ٽيم کي سخت محنت ۽ ڪوششن تي خراج تحسين پ??ش ڪريان ٿو جن جي ڪوششن سان پاڪستان فيٽف جي ٻنهي ايڪشن پ??انز جي ٽيڪنيڪل ضرورتن کي ڪاميابي سان پ??رو ڪيو. پاڪستان پاران فيٽف جي ايڪشن پ??انز جي ڪامياب پڄاڻي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته گڏيل قومي ڪوششن ۽ سمورن حصيدارن جي گڏيل ڪوششن سان اسان اها ڪاميابي حاصل ڪري سگهياسين، ان سان پاڪست??ني معيشت تي اعتماد بحال ٿيندو ۽ پائيدار ترقي ۾ مدد ملندي، فيٽف جي ٽيڪنيڪل ٽيم جو پاڪستان جو دورو خوش آئنده ڳالهه آهي جنهن سان اي ايم ايل/ سي ايف ٽي جي حوالي سان پاڪستان جي قدمن ۽ ڪاميابين جي عڪاسي ٿئي ٿي. آچر ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ??ڪو??ت قومي معيشت جي استحڪام جي عظيم تزويراتي مقصد تحت ماليات جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته آئون پراميد آهيان ته فيٽف پاران ان سٺي خبر تي پاڪست??ني معيشت ۾ اعتماد بحال ٿيندو ۽ پائيدار ترقي ۾ مدد ملندي. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان ??ڪو??ت عالمي معيارن موجب اي ايم ايل/ سي ايف ٽي جي حوالي سان اعليٰ سطحي قدم جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. سندس چوڻ هو ته اسان فيٽف جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون ۽ اميد آهي ته پاڪستان ڪاميابي سان جلد کان جلد گري لسٽ مان نڪري ويندو.
پاڪستان 2018ع ۽ 2021ع جي ايڪشن پلانز کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو آهي، پاڪستان جي ٽيم کي سخت محنت ۽ ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش