اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گذريل پوڻن چئن سالن دوران بجلي جي منصوبن جي تعمير ۾ تعطل بابت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ درآمدي ٻارڻ سان ??ها??گي بجلي بدران ماڻهن کي سولر جو متبادل ڏنو ويندو، شمسي توانائي سان نه رڳو ??ها??گي درآمدي ٻارڻ جو بل گهٽ ٿيندو پر گهٽ لاڳت، ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ سڄي ملڪ ۾ سولر قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي ته گذريل پوڻا چئن سالن دوران بجلي جي منصوبن جي تعمير ۾ تعطل تي انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ درآمدي ٻارڻ سان ??ها??گي بجلي بدران ماڻهن کي سولر جو متبادل ڏنو ويندو. ٻه سال اڳ نااهل نيازي حڪومت جي 2020ع ۾ ڏني ويندڙ متبادل توانائي پاليسي نه رڳو ناڪام ٿي پر ان کانپوءِ ان شعبي ۾ سيڙپڪاري به نه آئي. صارفين کي سولر سسٽم جي فراهمي دوران بلوچستان کي خصوصي ترجيح ڏني وڃي. سولرائيزيشن سان نه رڳو ??ها??گي درآمدي ٻارڻ جو بل گهٽ ٿيندو پر گهٽ لاڳت، ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي. اجلاس کي ??ها??گي درآمدي ٻارڻ جھي متبادل ۾ گهٽ لاڳت سولر بجلي منصوبن تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ح??ومت ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ 14000 ميگاواٽ جا سولرائيزيشن جا منصوبا جاري ڪندي جن ۾ 9000 ميگاواٽ جا منصوبا ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيا ويندا. منصوبن ۾ سولر سسٽم نه رڳو رعايتي قيمتن تي ڏنا ويندا پر ان تي ٽيڪس جي مد ۾ پڻ مراعتون ڏنيون وينديون. وزيراعظم ترجيحي بنيادن تي انهن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ جلد ٺوس منصوبابندي ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم پاران گذريل پوڻن چئن سالن دوران بجلي جي منصوبن جي تعمير ۾ تعطل بابت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جلد پيش ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی