اسلام آباد ̵1; 08 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطي واري وزارت مالي سال 23 -2022ع ۾ قومي ۽ صوبائي ٻنهي سطحن تي حصيدارن جي مشاورت سان مختصر مدي جي موسمياتي گدلاڻ لاءِ پاڪستان جي پهرين قومي انوينٽري تيار ڪئي وئي آهي. قومي اقتصادي سروي سال 23 -2022ع موجب سيپٽمبر 2022ع ۾ سنڌو دريا??ُ جي ايڪو سسٽم جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ ليونگ انڊس انيشيٽو جي منظوري ڏني وئي. ماحولياتي تبديلي واري وزارت جي اهتمام هيٺ ان پروگرام لاءِ گڏيل قومن جو تعاون حاصل آهي. جنهن ??ي ماحوليات جي تحفظ ۽هٿي ڏيڻ جي حوالي سان منعقد انٽرنيشنل فورم ڪوپ 27 ۾ به پيش ڪيو ويو. اهو قدم موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي قدرتي وس??لن جي بحالي جي ذريعي سنڌ طاس کي هڪ هٿي ڏيندڙ ماحولياتي نظام ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش تي ٻڌل آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار