اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختون??وا??ه کي ترقي ۽ امن جو گهوارو بڻائي رهنداسين، گذريل حڪومت خيبرپختون??وا??ه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو، بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي ترقي جي لاءِ خصوصي قدم شامل ڪيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يا?? موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختون??وا??ه سان تعلق رکندڙ مسلم ليگي ??يادت سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پارلياماني معاملن واري وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، سينيٽر پير ثاقب شاهه، قومي اسيمبلي ميمبرن ڪيپٽن محمد صفدر، سجاد احمد، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن شهاب الدين خان، جمشيد محمد، اورنگزيب نلوٺا شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. خيبرپختون??وا??ه جي ايندڙ چونڊن ۾ تفصيلي مشاورت پڻ ڳالهه ٻولهه جو حصو رهي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ خيبرپختون??وا??ه ۽ قبائلي ضلعن جي ترقي جي لاءِ قدم شامل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته خيبرپختون??وا??ه کي ترقي ۽ امن جو گهوارو بڻائي رهنداسين. گذريل حڪومت خيبرپختون??وا??ه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو. بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي ترقي لاءِ خصوصي قدم شامل ڪيا آهن. يقيني بڻائينداسين ته وفاقي حڪومت جي صحت ۽ تعليم جي منصوبن مان خيبرپختون??وا??ه جي عوام ڀرپور فائدو کڻي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختون??وا??ه جي باصلاحيت نوجوانن کي آسان شرطن تي قرض ۽ ليپ ٽاپ ڏينداسين. خيبرپختون??وا??ه جي آبادگارن کي معياري ٻج ۽ وقت سر ??اڻ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪنداسين. سرحدي ضلعن ۾ واپار ۾ سهولت فراهم ڪري ماڻهن جون معاشي مشڪلاتون ختم ڪنداسين.
خيبرپختونخواهه کي ترقي ۽ امن جو گهوارو بڻائي رهنداسين، گذريل حڪومت خيبرپختونخواهه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری