اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان منرل سمٽ ۾ بيرڪ گول?? سميت ٻين عالمي ڪمپنين جي شرڪت پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي جي سند آهي، پورو پاڪستان ??اص طور تي بلوچستان معدنيات سان مالامال آهي، انهن قدرتين وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، ريڪوڊڪ منصوبو بلوچستان ۽ علائقي جي ترقي جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيرڪ گولڊ ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مارڪ برسٽوو جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بيرڪ گولڊ جي وفد ريڪوڊڪ منصوبي تي سيڙپڪاري ۾ پاڪستان ??ڪومت جي حصي جي پاڪستاني رپين ۾ ادائيگي تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب ملاقات ۾ مارڪ برسٽوو وزيراعظم کي ريڪوڊڪ ۾ جاري ترقياتي ڪم تي اڳڀرائي جي حوالي سان ??گاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان منرل سمٽ ۾ بيرڪ گول?? سميت ٻين عالمي ڪمپنين جي شرڪت پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي جي سند آهي، منرل سمٽ جي ڪاميابي ۽ پاڪستان ۾ بيرڪ گولڊ جهڙين عالمي ڪمپنين جي اعتماد جي بحالي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل جاري ڪرڻ ممڪن ٿيو. هن چيو ته پورو پاڪستان ??اص طور تي بلوچستان معدنيات سان مالامال آهي، انهن قدرتي وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ريڪوڊڪ منصوبو بلوچستان ۽ علائقي جي ترقي جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو، ان منصوبي سان ??وبي جي ترقي ۽ ماڻهن جي خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا پنهنجي ذميواري پوري ڪن. بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ريڪوڊڪ ۾ ڪميونٽي ڊيولپمين?? ڪميٽي جو قيام ڪيو ويو آهي جيڪا بلوچستان ??ي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي امڪاني قدمن جي نشاندهي ڪري ٿي، ڪميٽي ۾ شامل مقامي ن??ائ??دا مقامي ماڻهن جي ترقي جي لاءِ منصوبن جي نشاندهي پاڻ ڪن ٿا، ريڪوڊڪ منصوبي ۾ بلوچستان ??اص طور تي باصلاحيت مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته منصوبي جي سيڙپڪاري مان ??لائقي جي ترقي تي پڻ وڏي رقم خرچ ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي جي حوالي سان ??ازو معاهدو ٻنهي ڌرين جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. ان موقعي تي پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جا خاص معاونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.
پاڪستان منرل سمٽ ۾ بيرڪ گولڊ سميت ٻين عالمي ڪمپنين جي شرڪت پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي جي سند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر