اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته روس خطي ۽ عالمي سطح تي اهم ملڪ ۽ پاڪستان جو اهم حصيدار آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن ۽ توانائي تعاون کي فروغ ڏي?? سان اسان جي عوام س??ن گڏوگڏ خطي کي پڻ فائدو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ روس جي سفير ڊانيلا گاينچ الوداعي ملاقات ڪئي. نگ??ان وزيراعظم ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ روسي سفير جي اڻٿڪ تعاون کي ساراهيو. هن روسي سفير کي سندس ايندڙ ذميواري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو سدائين پاڪستان جو دوست رهندو. ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي نگ??ان وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته روس، خطي ۽ عالمي سطح تي هڪ اهم ملڪ ۽ پاڪستان جو هڪ اهم حصيدار آهي. نگ??ان وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن جي مسلسل فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏي?? جي ضرورت جو ورجاءُ ڪيو. نگ??ان وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن ۽ توانائي تعاون کي فروغ ڏي?? جا اهم شعبا آهن جنهن سان اسان جي ماڻهن س??ن گڏوگڏ خطي کي به فائدو ٿيندو. نگ??ان وزيراعظم عالمي فورمز تي ٻنهي ملڪن جي وچ ?? تعاون کي پڻ ساراهيو.
روس خطي ۽ عالمي سطح تي اهم ملڪ ۽ پاڪستان جو اهم حصيدار آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا