اسلام آباد-15 نومبر(اي پي پي) ناڻي، محصولات ۽ اقتصادي معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ رياستي ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ ڪ??يٽي جي سمورن ميمبرن سان گڏ ايس اي سي پي جو چيئرمين، وفاقي سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي گذريل گڏجاڻي جي هدايتن موجب رياستي ملڪيتي ا??ٽر پرائيزز(ملڪيت ۽ انتظام) پاليسي 2023ع، ڪميٽي جي ميمبرن کان مليل ت??ثر?? کي شامل ڪرڻ بعد جائزي لاءِ ٻيهر ڪميٽي وٽ جمع ڪرائي. ڪميٽي جي مسودي ۾ ش??مل ت??ديلين جو جائزو ورتو ۽ ڪابينا جي منظوري لاءِ نظرثاني ٿيل پاليسي جي سفارش ڪئي. هي پاليسي رياستي ملڪيت واري ڪاروباري ادارن (گورننس اينڊ آپريشنز) ايڪٽ 2023ع ۾ بيان ڪيل وسيع تر مقصدن موجب رياستي ملڪيت وارن ادارن جي حڪمراني ۽ آپريشنز کي وڌائڻ طرف هڪ اهم قدم جي نشاندهي ڪري ٿي.
ناڻي واري نگران وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس، رياستي ملڪيتي انٽر پرائيزز (ملڪيت ۽ انتظام) پاليسي 2023ع جي مسودي ۾ شامل تبديلين جو جائزو ورتو ويو
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس