راولپنڊي-27 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان 400 ڪلوميٽرن تائين جي مفاصلي تي انتهائي درستگي سان هدفن کي نشانو بڻائڻ واري فتح ٽو ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب هي ميزائل جديد ترين ايويونڪس، نيويگيش?? سسٽم ۽ منفرد اڏام جي صلاحيت سان ليس آهي. هٿيارن جو نظام 400ڪلوميٽرن جي حد تائين انتهائي درستگي سان هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ٽنهي هٿياربند فوجن جا سينئر آفيسر، سا??نس??ان ۽ انجنيئرز فتح ٽو ميزائل تجربي جي موقعي ??ي موجود هئا. صدر مملڪت، نگران وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف فتح ٽو ميزائل جي ڪامياب تجربي تي هٿياربند فوج جي ماهرن ۽ سا??نس??انن کي مبارڪون ڏنيون.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی