ڪراچي – 12 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ ا??را?? جي صدر سيد ابراهيم رئيسي جو ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني، صدر آصف علي زرداري دمشق ۾ ا??را??ي سفارتخاني تي اسرائيلي حملي تي ا??را??ي قيادت ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پ??يس ونگ پاران جاري بيان م??جب صدر غزه ۾ انساني بحران ۽ اسرائيلي فوج پاران نسل ڪشيءَ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ا??را?? سان گڏ ڪم جاري رکندو. صدر ٻنهي ملڪن کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ معلومات جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري ا??را??ي صدر کي ٻيهر پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. هن ا??را??ي صدر ۽ سندس گهرڀاتين جي صحت، تندرستي ۽ خو??ين جي لاءِ پڻ نيڪ خو??هشن جو اظهار ڪيو.
صدر آصف علي زرداري ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي جو ٽيليفونڪ رابطو، عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina