اسلام آباد – 19 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن، هن پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دف??ع ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪر?? جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سلطنت عمان جي سفير فهد سليمان خلف الخروسي وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم مسقط جي ضلعي واديءَ ڪبير ۾ امام بارگاهه علي ابن ابوطالب تي ٿيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ چار پاڪستاني شهرين سميت 6 ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جن مان اٽڪل سمورا پاڪستاني هئا. وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستانين جي ميتن جي وطن واپسي ۽ زخمين جي علاج جي لاءِ عمان پاران فوري قدمن ۽ پاڪستاني سفارتخاني سان تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم عمان کي دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏي?? جي لاءِ ??اڪستان جي تعاون جي آڇ ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم سلطان هيثم بن طارق جي لاءِ ??نهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو جڏهن ته سلطان سان عيدالاضحيٰ ۽ عيدالفطر جي موقعي تي ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم سلطان هيثم بن طارق کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪر?? جي پنهنجي اڳ ۾ ڏنل دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ عمان جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. هن پاڪستان پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دف??ع ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪر?? جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جي لاءِ ??فد کي ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪر?? جي ترغيب ڏيڻ تي سفير جا ٿورا مڃيا ۽ کيس يقين ڏياريو ته لاڳاپيل عملدار گڏيل طور تي لاڀائتا نتيجا حاصل ڪر?? جي لاءِ ??فد کي مڪمل تعاون فراهم ڪندا. عمان جي سفير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ عمان جي سلطان پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پنهنجي ملڪ جي پاڪستان سان واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائ?? جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم پاران عمان کي دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي تعاون جي آڇ
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada