اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ??اڪ??تان بيلاروس سان لاڳاپن کي ??ڏي اهميت ڏئي ٿو. صنعت، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي بيلاروس جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. بيلاروس جي زراعت بابت نائب وزير شگوئيڪو ۽ صنعت جي نائب وزير آندري ڪزنيتسوف پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت مان جاري بيان موجب بيلاروس ??ريڪٽر جو گڏيل پلانٽ ??اڪ??تان ۾ قائم ڪندو. ٻنهي ڌُرين ??اڪ??تان ۾ اي?? اي?? وي ويڪسين جي گڏيل منصوبي ۽ مشينري جي ڊزائين ۾ زرعي انجنيئرن جي تربيت ۽ صلاحيت سازيءَ تي تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. اعلان موجب بيلاروس ??اڪ??تان ۾ زرعي مشينن جي جاچ پڙتال جا مرڪز قائم ڪندو. هن چيو ته صنعت، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. زرعي شعبي جي ميڪانائزيشن لاءِ سهڪار گهربل آهي. هن چيو ته ??اڪ??تاني ميون کي بيلاروس جي مارڪيٽ تائين پهچ ڏني وڃي. وٽرنري ميڊيسن ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. بيلاروس جي نائب وزير چيو ته بيلاروس ??اڪ??تان ۾ وٽرنري ميڊيسن جو پلانٽ لڳائڻ چاهي ٿو.
پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا: راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná