واشنگٽن – 04 مئي (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن ??يو آهي ته سڄي دنيا ۾ صحافي گهيراءُ ۾ آهن ۽ ان ڪڙي جا ڪيترائي انداز آهن. آمريڪي نشرياتي اداري طرفان صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينه?? جي موقعي تي پنهنجي خص??صي انٽرويو دوران آمريڪي پرڏيهي وزير صحافي?? جي غلط ۽ بنا جواز گرفتارين خلاف آمريڪي قدمن جو ذڪر ڪندي ??يو ته ان سلسلي ۾ آمريڪا طرفان ليونسن ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن ذريعي انهن ماڻهن يا اختيارين تائين پهچي سگهجي ٿو جيڪي صحافين کي يا آمريڪي شهرين کي غلط طريقي سان حراست ۾ وٺندا آهن. ان ايڪٽ تحت انهن تي سفر جون پابنديون هڻڻ کان علاوه اثاثا به منجمند ??ري سگهجن ٿا. هن ??يو ته آمريڪا سڄي دنيا ۾ انهن صحافين لاءِ جدوجهد ۽ اختيارين مٿان دٻاءُ وجهيڻ جي ڪوشش ??ري رهيو آهي جن کي ڌمڪين، جبر ۽ هراسمينٽ سم??ت ڪيسن ۽ نگراني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. هن ??يو ته هڪ ٽيڪنالوجي فنڊ قائم ڪيو ويو آهي جنهن ذريعي صحافين ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن کي اهڙي ٽيڪنالوجي تائين پهچ ڏني پئي وڃي جيڪا انهن کي ان قابل بڻائي جو هو نگراني ۾ هوندي به هڪ ٻئي سان ۽ ٻاهرين دنيا سان رابطي ۾ رهي سگهن. هن ??يو ته هڪ فنڊ بدناموسي جي سلسلي ۾ به قائم ڪيو ويو آهي ڇو ته دنيا ۾ هڪ کان پوءِ ٻئي ملڪ ۾ قانوني ڪارروائي ذريعي صحافين جو ڪم ۽ ميڊيا ادارن جو ڪاروبار ختم ڪيو پيو وڃي.
سڄي دنيا ۾ صحافي گهيراءُ ۾ آهن ۽ ان ڪڙي جا ڪيترائي انداز آهن؛ اينٽوني بلنڪن
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل