واشنگٽن- 08 جون (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن اسرائيل- فلس??ين وچ ۾ جنگ بندي لاءِ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ جي سلسلي ۾ ايندڙ هفتي وچ اوڀر جو دورو ڪندو. اردو نيوز آمريڪي پرڏيهي کاتي جي حوالي سان ٻڌايو ته انٽوني بلنڪن سومر کان اربع دوران اسرائيل ۽ اهم عرب شراڪتدار عرب م??ڪن مصر، شام، اردن ۽ قطر جو دورو ڪندو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيوملر بيان ۾ چيو ته دوري دوران آمريڪي پرڏيهي وزير جنگ بندي جي تجويز سان اسرائيل ۽ فلس??ين کي ڪهڙو فائدو ملندو تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. انٽوني بلنڪن ان ??الهه تي زور ڏيندو ته ان جنگ بندي سان غزه ۾ مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي، انساني امداد ۾ وڏي پيماني تي اضافو ٿيندو ۽ فلس??ين کي پنهنجي پاڙيسري ۾ واپس وڃڻ جي اجازت ملندي. ياد رهي ته ست آڪٽوبر تي شروع ٿيل ان جنگ بندي بعد انٽوني بلنڪن جو ان خطي جو اهو ستون دورو آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير ايندڙ هفتي وچ اوڀر جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب