بغداد -06 آگسٽ (اي پي پي) عراق ۾ عين الاسد ايئر بيس تي راڪيٽ حملي ۾ ڪيترائي آمريڪي اهلڪار زخ??ي ٿي پيا آهن . ف??ان?? جي خابرو اداري مطابق آمريڪي دفاع واري کاتي جي ترجمان چيو آهي ته عين الاسد ايئر بيس تي آمريڪي ۽ ات??ادي فوج خلاف گذريل ڏينهن هڪ شڪي راڪيٽ حملو ٿيو، جنهن سبب ڪيترائي آمريڪي اهلڪار زخ??ي ٿيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهلڪار حملي بعد ٿيل نقصان جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ وڌيڪ معلومات دستياب ٿيڻ تي فراهم ڪئي ويندي. عراق جي فوجي ذريعن ان کان اڳ چيو هو ته ايئر بيس تي ڪيترائي راڪيٽ فائر ڪيا ويا، ڪجهه ان جي اندر ڪريا ۽ ڪجهه ويجهن ڳوٺن ۾ ڪريا، پر ڪوبه نقصان ناهي ٿيو. واضع رهي ته عراق ۾ آمريڪي فوج جا 2500 ۽ شام ۾ 900 اهلڪار مقرر آهن.
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد