نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان غزه تي غيرفعال ٿيڻ تي گڏيل قومن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اسرائيل فلسطيني سرزمين کي ”ٻارن ۽ عورتن جي دنيا جي سڀ کان وڏي قبرستان“ ۾ تبديل ڪر?? رهيو آهي، نيتن ياهو ۽ ان جي ??تل عام جي ??يٽ ورڪ کي ”انسانيت جي اتحاد“ جي ذريعي روڪڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن لبنان جي حمايت پڻ ڪئي جتي اسرائيل حزب الله کي نشانو بڻائيندي وڏي پئماني تي حملا ڪيا هئا. ترڪ صدر وچ اوڀر جي علائقي کي جنگ ۾ گهسيٽڻ تي اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو. رجب طيب اردوان چيو ته غزه ۾ نه رڳو ٻار پر گڏيل قومن جو نظام پڻ مر?? رهيو آهي، حقيقت ۾ اهي قدر جن جي دفاع جي اولهه دعويٰ ڪري ٿو دم ٽوڙ?? رهيو آهي، آئون کلي دل سان پڇان ٿو ته ڇا غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ رهندڙ انسان نه آهي؟. ترڪ صدر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي جنگ کي روڪڻ جو حڪم ڏيڻ ۾ ناڪامي تي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ گڏيل قومن جي 5 مستقل ميمبرن طرف اشارو ڪندي چيو ته ”دنيا 5 کان وڏي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، توهان غزه ۾ نسل ڪشيءَ کي روڪڻ ۽ ان ظلم، ان ڏاڍ کي روڪڻ جي ??اءِ ڪنهن شيءَ جو انتظار ڪر?? رهيا آهن؟“ رجب طيب اردوان عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ”نيتن ياهو ۽ ان جي ??اتل نيٽ ورڪ“ کي روڪڻ جي ??اءِ اسرائيلي وزيراعظم جي ??ا??ي جرمني جي ايڊولف هٽلر سان ڀيٽ ڪريو، جهڙي طرح هٽلر کي 70 سال اڳ انسانيت جي اتحاد روڪيو هو، اهڙي طرح نيتن ياهو ۽ ان جي ??اتل نيٽ ورڪ کي ”انسانيت جي اتحاد“ جي ذريعي روڪڻ گهرجي. لبنان تي اسرائي??ي حملن جي تازه ترين لهر تي ترڪ صدر چيو ته توهان قتل عام جي ??يٽ ورڪ کي روڪڻ جي ??اءِ وڌيڪ ڪهڙيءَ شيءَ جو انتظار ڪر?? رهيا آهيو جيڪا فلسطيني عوام سان گڏوگڏ پنهنجي شهرين جي زندگين کي پڻ خطري ۾ وجهي ٿو ۽ پوري خطي کي جنگ ۾ گهسيٽي ٿو. اردوان غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪندي چيو ته فوري ۽ مستقل جنگبندي ڪرڻ گهرجي، يرغمالين ۽ قيدين جي ??ٽاسٽا ڪرڻ گهرجي ۽ غزه تائين انساني امداد بنا روڪ ٽوڪ ۽ بنا تعطل پهچائڻ گهرجي.
ترڪيه جي صدر جي غزه تي غيرفعال ٿيڻ تي گڏيل قومن تي تنقيد
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی