اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته عورتون پنهنجي فڪر ۽ عمل سان معاشري کي شدت پسندي کان پاڪ ڪرڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، عورتن جي قومي زندگي ۾ شموليت کانسواءِ معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، معاشري ۾ عورتن جي وارثتي حقن بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ميڊيا کي ڇاتي جي ڪينسر بابت عورتن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ اهو پيغام پهچائڻ گهرجي ته پاڪستان فلاحي ۽ پرامن ملڪ آهي ته جيئن دنيا ۾ ام?? جي سفير طور پاڪستان جو تشخص اجاگر ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اسلامي يونيورسٽي ۾ معاشري ۾ هم آهنگي ۽ ام?? سازي ۾ پاڪستاني عورتن جو اه?? ڪردار جي موضوع ??ي ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ