اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پنجاب صوبي ۾ صحت انصاف ڪارڊ ورهائڻ جي حوالي سان اڳڀرائي ۽ هيلٿ ڪارڊ ذريعي صحت جي سهولتن ب??بت عوامي ردعمل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ٻڌايو ته عوام پاران صحت انصاف ڪارڊ جي حوالي سان انتهائي حوصلي جوڳو ردعمل سامهون آيو آهي. صحت انصاف ڪارڊ جي ڪري م??تحق ماڻهن ۽ انهن جي خاندانن کي صحت جي حوالي خان خاطرخواهه رليف مليو آهي. وزيراعظم عوام جي م??بت ردعمل تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئ?? ته صحت انصاف ڪارڊ ذريعي م??ياري صحت جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے