ڪولمبو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي اعزاز ۾ سريلنڪا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر مهنداياپا ابي وردانا ۽ سريلنڪا جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير نمل راجا پاڪسي مانجهاندو ڏنو. وزيراعظم عمران خا?? کي اسپورٽس مين جي ??يث??ت سان خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سريلنڪا جي وزيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ رانديگرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خا?? کي راندين واري وزير پاران اع??يٰ معيار جي اسپورٽس ڪمپليڪس جي تجويز به پيش ڪئي وئي جيڪو وزيراعظم عمران خان جي نالي تي ٺاهيو ويندو. تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان جي ڪرڪيٽ ڪيريئر جي حوالي سان دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان جي ڪرڪيٽ جي زماني جي سريلنڪن رانديگرن پارا?? کيس خراج تحسين پيش به ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان پنهنجي اعزاز ۾ منعقد ان تقريب جي منتظمين جا ٿورا مڃيا ۽ اسپورٽس مين جي ??يث??ت سان پنهنجي يادن جو ذڪر ڪيو. هن شرڪت ڪندڙ?? کي ٻڌايو ته ڪهڙي طرح ڪرڪيٽ جي ذريعي هن مقابلو ڪرڻ سکيو ۽ پنهنجي انهن صلاحيتن جي ڪري هو هڪ سياسي پارٽي جي قيادت ڪرڻ ۽ پاڪستان جي وزيراعظم بڻجڻ جي قابل ٿيو. وزيراعظم يونيورسٽي گريجوئيٽ جي ??يث??ت سان پنهنجي سريلنڪا جي دوري جو به ذڪر ڪيو، هن پاڪستان ۾ ٿيندڙ مئچ ۾ سريلنڪا جي ورلڊ ڪپ ۾ ڪاميابي جو ذڪر ڪندي ا?? کي فخر جوڳو قرار ڏنو ۽ ٽيم جي ڪپتان ارجنا رانا ٽنگا سميت ٽيم جي رانديگر?? کي خراج تحسين پيش ڪيو.
وزيراعظم عمران خان جي اعزاز ۾ سريلنڪا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر پاران مانجهاندو ڏنو ويو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت