اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم عمران خان جي ڊيجيٽل ميڊيا فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد ۽ ڊيجيٽل ميڊيا ونگ جي ??نرل مئنيجر عمران غزالي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران تجويز ڪيل ڊيجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ پا??يسي جي ??والي سان آگاهه ڪيو، جنهن جي ??تمي منظوري وزيراعظم آفيس پاران ڏني ويندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت 93 ملين انٽرنيٽ صارفين موجود آهن جڏهن ته اهو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي. انهي رجحان کي نظر ۾ رکندي ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ پا??يسي جوڙڻ جي پڻ تجويز پيش ڪئي وئي آهي. في الحال وفاقي حڪومت جي ڊيجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزمينٽ جو ڪو طريقيڪار موجود نه آهي. منطوري کانپوءِ اها پاڪستان جي ??ڪومت جي ??اريخ جي پهرين پا??يسي هوندي جنهن تحت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ذريعي حڪومت ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي تشهير ڪري سگهندي. پاڪستان جي ڊيجيٽل ميڊيا صنعت تيزي سان پکڙجي ??هي آهي. ڄاڻايل پا??يسي تحت نه رڳو نئين ڊيجيٽل پليٽ فارمز ۽ پبلشرز جي ??وصلا افزائي ٿيندي پر پاڪستاني معيشت کي پڻ فائدو پهچندو. ڊيجيٽل ميڊيا جي ??وثيق سان ڪارپوريٽ سيڪٽر پڻ ڊيجيٽل ميڊيا کي بطور اشتهاري مهم استعمال ڪرڻ طرف راغب ٿيندو. ڊاڪٽر ارسلان خالد وزيراعظم کي ڊيجيٽل ميڊيا ڊيولپمينٽ پروگرام جي ??فصيلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ان گهڻ رخي پروگرام جي نتيجي ۾ پاڪستاني ڊيجيٽل ميڊيا جي ??رقي ۽ ترويج ۽ هيٺئين سطح تائين ڊيجيٽل خواندگي جو فروغ ممڪن ٿيندو. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته پي ايم ڊي پي شاگردن، پاڪستان حڪومت ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي وچ ۾ فاصلا گهٽ ڪندو ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جو محفوظ مستقبل يقيني بڻائيندو.
وزيراعظم سان شبلي فراز، ڊاڪٽر ارسلان خالد ۽ عمران غزالي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا