اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته حڪومت ڪاروبار کي آسان بڻائڻ جي پاليسي تحت پرڏيهي سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون فراهم ڪري رهي آهي. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن آن لائن اي تجارت ڪرائيندڙ گروپ ”دراز“ جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر بجارڪ مائيڪلسن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خا?? ”دراز“ جي چيف ايگزيڪيٽو مائيڪلسن جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ اي تجارت جا بي پناهه موقعا موجود آهن جنهن مان ملازمت جا موقعا به پيدا ٿيندا ۽ ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ به مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪاروبار کي آسان بڻائڻ جي پاليسي تحت پرڏيهي سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون فراهم ڪري رهي آهي. ”دراز“ جي سي اي او پاڪستان ۾ اي تجارت جي تو??يع ۽ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ??يو. وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، سينيٽر عون عباس بپي ”دراز“ جي ايم ڊي احسان سايا ۽ عماد خا?? به ملاقات ۾ موجود هئا.
حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي تعاون فراهم ڪري رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج