اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قيام پ??ڪس??ان جي تاريخي تحريڪ جي مختلف رخن بابت اطلاعات جي مختلف ذريعن سان نوجوان نسل ۾ ٺوس آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هو ايوان صدر ۾ 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي حوالي سان ”لوگو“ جي نقاب ڪشائي کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي موقعي تي ”لوگو“ جي رونمائي ۽ ٻين تيارين تي ا??لاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ سندس وزارت جي ڪوششن کي ساراهيو. صدر چي?? ته ”لوگو“ پ??ڪس??ان جي تاريخ ۽ گذريل 75 سالن ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين جي ياد تازي ڪندو. هن چي?? ته پ??ڪس??ان جي عوام مشڪل وقت برداشت ڪيو پر هاڻي گذريل ڪجهه سالن ۾ ملڪ مختلف شعبن ۾ وڏي اڳڀرائي ڪئي آهي. صدر چي?? ته ڀارت پاران مسلمان مخالف پاليسين، نسل ڪشي ۽ ڀارت ۾ ٻين اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ سان ٻه قومي نظريي جي توثيق ٿي وئي آهي. هن وڌيڪ چي?? ته ڀارتي ليکڪ خوشونت سنگهه پنهنجي ڪتاب ۾ اقليتن کي نشانو بڻائيندڙ طالماڻي پاليسين جي نتيجي ۾ ڀارت جي تباهي جي اڳڪٿي ڪري چڪو آهي. قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه محمد اقبال هندو قيادت جي لڪل ارادن کي جانچي پنهنجون راهون جدا ڪري ڇڏيون هيون، ملڪ جي نوجوان نسل کي آزادي جي تحريڪ جي مختلف اڻ چيل واقعن کان آگاهه ڪيو وڃي. هن چي?? ته پ??ڪس??ان جمهوري طريقي سان ٺهيو، نئين ٺهيل ملڪ جي خلاف سازشون ڪيون ويون ۽ هڪ منصوبي تحت گورداسپور جي ذريعي ڀارت کي ڪشمير تائين پهچ ڏني وئي. هن وڌيڪ چي?? ته پاڪ ۽ هند جي مسلمانن جدا ملڪ قائم ڪرڻ جي جدوجهد ۾ مصيبتن کي منهن ڏنو ۽ عظيم قربانيون ڏنيون. ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جو حوالو ڏيندي صدر چي?? ته پ??ڪس??ان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير جي حل جو خواهشمند آهي ۽ ڪشمير مسئلي جي حل تائين پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن چي?? ته ملڪ صحيح رستي تي گامزن آهي ۽ عوام کي انهن عملن کان پوري طرح آگاهه ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي وڌيڪ اعتماد حاصل ڪري سگهن، پ??ڪس??ان جلد ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿيندو. ان موقعي تي ا??لاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ٻين وزارتن سان گڏجي ملڪ جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ ٺوس پروگرام جوڙيا آهن. هن چي?? ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير، يورپي يونين جي ملڪن جا پرڏيهي نمائندا ۽ سفير 23 مارچ جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندا. وفاقي وزير چي?? ته ”لوگو“ جاري ڪرڻ پ??ڪس??ان جي تاريخ، اهم واقعن، ڪاميابين ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ مختلف شخصيتن جي نمايان خدمتن کي ا??اگر ڪرڻ جي لاءِ انهن تيارين جو حصو آهي. تقريب ۾ اطلاعات واري وزارت، لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن ۽ ميڊيا جي ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي.
قيام پاڪستان جي تاريخي تحريڪ جي مختلف رخن بابت نوجوان نسل ۾ ٺوس آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔