اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت اسلامو فوبيا جي ازالي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو، پوري مسلمان امت کي اسلامو فوبيا جي ازالي جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پي ٽي آءِ سدائين عوامي امنگن جي ??مائندگي ڪئي آهي جنهن جي ڪري هر محاذ تي ڪاميابي ٿي، عوامي حمايت جي ڪري موجوده سياسي محاذ تي به اسان کي ڪاميابي ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ مان جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي ??يمبرن مخدوم زين حسين قريشي، محمد ابراهيم خان، طاهر اقبال، اورنگزيب خان، رياض فتيانه، سردار نصر الله دريشڪ، نجيب هارون، سردار محمد خان لغاري، عاصمه قدير ۽ جويريه ظفر وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. سنڌ مان قومي اسيمبلي جا ميمبر صائمه نديم، سنڌ اسيمبلي جي ??يمبر رابعيه اظفر ۽ پي ٽي آءِ جو جنرل س??ڪريٽري مبين جتوئي ۽ ارسلان گهمڻ به ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقاتن ۾ وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، مخدوم خسرو بختيار، سيد علي زيدي، خصوصي صلاحڪار عامر ڊوگر به ملاقات ۾ موجود هئا، پارليامينٽ جي ??يمبرن وزيراعظم کي گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا کي روڪڻ جي حوالي سان قرارداد منظور ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني، وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت اسلامو فوبيا کي روڪڻ لاءِ هر فورم تي آواز کنيو، اسان جون ڪوششون عالمي سربراهن سميت روسي صدر پيوٽن ۽ ڪينيڊا جي ??زيراعظم جسٽن ٽروڊو به اسلامو فوبيا کي روڪڻ لاءِ آواز اٿاريو. سڄي مسلمان دنيا کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ سدائين عوامي امنگن جي ??مائندگي ڪئي آهي. جنهن جي ڪري هر محاذ تي ڪاميابي سان همڪنار ٿي، عوامي حمايت جي ڪري موجوده سياسي محاذ تي به اسان کي ڪاميابي ٿيندي. ملاقاتن ۾ لاڳاپيل تڪن ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي، سياسي معاملا به غور هيٺ آيا. وزيراعظم قومي اسيمبلي جي ??يمبرن کي پنهنجي تڪن ۾ عوامي رابطا تيز ڪرڻ ۽ ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي ??دايت به ڪئي.
اسان جي حڪومت اسلامو فوبيا جي ازالي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena