اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيلن جي مدد تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ٻوڏ جهڙي مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاران امداد جي فراهمي کي دل جي گهراين سان ساراهي ٿي، ٻوڏ سان م??يشت کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿو اٽڪل 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ 4.6 ارب ڊالر جي موجوده ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪ سعودي لاڳاپا گڏيل مذهب، قدرن ۽ ثق??فت سان ڳنڍيل آهن. هن چيو ته ٻئ?? ملڪ قيادت ۾ تبديلين کان هٽي ڪري مشڪل حالتن ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجها سياسي لاڳاپا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته موجوده واپاري ڪاٿو ٻنهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي گهرائي جي مڪمل عڪاسي نه ٿو ڪري، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ 4.6 ارب ڊالر جي موجوده ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ٻوڏ جهڙي مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاران فراهم ڪئي ويندڙ امداد کي دل جي گهراين سان ساراهي ٿي. صدر ٻوڏ متاثرين کي امداد پهچائڻ جي لاءِ فضائي پل فراهم ڪرڻ ۾ سعودي عرب جي مدد کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ پوري پاڪستان ۾ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو، ٻوڏ ۾ 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ?? 10 ??ک کان وڌيڪ چوپائي مال جو نقصان ٿيو، ٻوڏ سان م??يشت کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿو اٽڪل 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي. صدر اسلامي تعاون تنظيم ۾ فلسطين، ڪشمير ۽ افغانستان سان لاڳاپيل معاملا اجاگر ڪرڻ تي سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيو. صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي پڻ روشني وڌي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪرائڻ، گڏيل قومن جي قراردادن موجب مسئلي جي پرامن حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.
پاڪستان ٻوڏ دوران سعودي عرب پاران فراهم ڪيل امداد کي دل جي گهراين سان ساراهي ٿي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں