اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪس??ان ۽ مصر جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ وسيع تر عوامي اداراجاتي رابطن جي فروغ تمام اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار جمهوريه مصر جي سفير طارق محمد دهروج سان ڳا??هائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪس??ان مصر لاڳاپن کي ??ڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مصر ۾ ايندڙ مهيني ڪوپ – 27 ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ٽيليفون تي پنهنجي ڳا??هه ٻولهه جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪس??ان ۾ ماحولياتي تبديلين جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي مصر جي حمايت ۽ يڪجهتي جي اظهار کي ساراهيو. وزيراعظم مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ڪانفرنس جي ميزباني تي مصر جي حڪومت کي ??بارڪباد ڏني ۽ چيو ته هو ماحولياتي تبديلي ۽ ڪمزور طبقن بابت اعليٰ سطحي گول ميز ڪانفرنس جي گڏيل صدارت سميت فعال شرڪت جو منتظر آهي. پاڪس??ان ڪوپ – 27 ڪانفرنس ۾ گروپ 77 ۽ چين جي نمائندگي به ڪندو. وزيراعظم پاڪس??ان ۽ مصر جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفي قيادت، عوام سان عوام ۽ اداراجاتي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي ا??مي?? تي زور ڏنو. پاڪس??ان ۽ مصر جي وچ ۾ گڏيل قدرن ۽ نقطه نظر تي ٻڌل ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ ٻطرفن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ ٻئي سان ويجهو تعاون ڪن ٿا.
پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ