اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي وطن جي ل??ءِ قرباني ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيندي انهن کي ??ان??ار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پار??ن جاري ب??ان موجب صدر پنجگور حملي جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفون تي رابطو ڪري انهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ محمد يونس خان ۽ لانس نائيڪ فريد الله خ??ن جي پونيئرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن لانس نائيڪ عبدالرزاق ۽ سپاهي اسد علي جي وارثن سان پڻ فون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن کي انهن جي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي وطن جي ل??ءِ قرباني ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ل??ءِ دعا ڪئي ۽ قوم جي ل??ءِ ج??ن جو نذرانو پيش ڪرڻ تي انهن کي سلام عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صبر جميل جي ل??ءِ دعا ڪئي.
صدر جي لانس نائيڪ محمد يونس خان ۽ لانس نائيڪ فريد الله خان جي پونيئرن سان ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس