اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي دنيا ۾ امن، جمهوريت ۽ پائيدار ترقي جي فروغ لاءِ بين الپارلياماني يونين (آئي پي يو) جي مي??بر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون و??ائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي بين الپارلياماني يونين جي امن، جمهوريت، انساني حقن، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، سياسي ڳالهين ۽ پارلياماني ڪارروائي جي ذريعي پائيدار ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو آهي. هو بين الپارلياماني يونين جي صدر ڊوارٽي پچيڪو سان ڳالهائي رهيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پارليامينٽرينز عالمي امن کي فروغ ڏيڻ ۽ تڪرارن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. دنيا ۾ جنگين کي روڪڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن زور ڏنو ته سڄي دنيا جا پارليامينٽ مي??بر عالمي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪن. صدر معزز مهمان کي دهش??گر??ي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته دهش??گر??ي جي خلاف ڊگهي جنگ ۾ پاڪستاني قوم هزارين جانين جي قرباني ڏني ۽ 100 ارب ڊالر کان و??يڪ جو معاشي نقصان پڻ کنيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان دهش??گر??ن کي ڪاميابي سان شڪست ڏني آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڏيون ??اميابيون حاصل ڪيون آهن. صدر چيو ته پاڪستان چئن ڏهاڪن کان و??يڪ عرصي کان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي جيڪو اسان جي ملڪ جي انساني همدرديءَ جي جذبي جو واضح ثبوت آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڊوارٽي پچيڪو جي دوري سان پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ بين الپارلياماني يونين جي مي??بر پارليامينٽس جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ان موقعي تي آئي پي يو جي صدر ٻڌايو ته بين الپارلياماني يونين هڪ اهم پليٽ فارم آهي جنهن پنهنجا تجربن ۽ معلومات جي ٻين مي??بر ملڪن سان مٽاسٽا ڪئي آهي. هن پشاور جي مسجد تي تازي دهش??گر?? حملي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ان وحشياڻي حملي جي مذمت ڪئي.
سڄي دنيا ۾ امن، جمهوريت ۽ پائيدار ترقي جي فروغ لاءِ بين الپارلياماني يونين جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ