اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جو صدر سيد ابراهيم رئيسي سڀاڻي خميس 18 مئي تي مند پشين بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ تي مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پل??س ۽ پولان – گبد بجلي ٽرانسميشن لائين جو گڏيل طور تي افتتاح ڪندا. پاڪ ايران گڏيل سرحد سان گڏ تعمير ڪئي ويندڙ 6 سرحدي مارڪيٽن مان هڪ مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پل??س سرحد پار واپار کي وڌائڻ، اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ مقامي ڪاروبار جي لاءِ م??قعن جون نيون راهون کولڻ جي لاءِ هڪ فروغ پذير پل??ٽ فارم فراهم ڪندي. اهڙي طرح پولان – گبد اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن لائين ايران کا?? 100 ميگاواٽ اضافي بجلي آڻي خاندانن ۽ ڪاروباري ادارن سميت خطي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گڏيل افتتاح ترتيبوار پاڙِسري صوبن بلوچستان ۽ سيستان ۽ بلوچستان جي رهواسين جي ڀلائي لاءِ پاڪستان ۽ ايران جي مضبوط عزم جو مظهر آهي. اهو قدم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ ??ڪ اهم اڳڀرائي طور تي پڻ ڪم ڪري ٿو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جو صدر سيد ابراهيم رئيسي 18 مئي تي مند پشين بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ تي مختلف منصوبن جو گڏيل افتتاح ڪندا
مضمون کا ماخذ : apostas quina