اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته موسميات?? تبديلي پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي، پاڪستان جو عالمي سطح تي موسميات?? تبديلي وڌائڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسميات?? تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ 28 هين گڏيل قومون ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 28 جي حوالي سا?? بين الوزارتي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي، پرڏيهي معاملن، توانائي، موسميات?? تبديلي، منصوبابندي وارن نگران وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سا?? ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ماحو??يا???? تبديلي پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي، پاڪستان جو عالمي سطح تي موسميات?? تبديلي وڌائڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسميات?? تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته گذريل سا?? موسميات?? تبديلي جي نتيجي ۾ پاڪستان جي ٽيون حصو آبادي ٻوڏ کان متاثر ٿي، پاڪستان پنهنجي ماحو??يا??ي سفارتڪاري سا?? عالمي ماحو??يا??ي بحث ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪوپ – 28 ۾ ڪلائميٽ فنانس ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي پاڪستان جو موقف بهتر انداز ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ ادارا ڀرپور تياري ڪن. نگران وزيراعظم دبئي، گڏيل عرب امارات ۾ ٿيندڙ 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي پهرين ۽ 2 ڊسمبر تي اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.
موسمياتي تبديلي پاڪستان جهڙن ملڪن لاءِ قومي سلامتي جو مسئلو آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز