اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاران بجيٽ ??جويزن ??ي آجيان ڪندي چيو آهي ته ??لڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وف??قي وزير خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال، امين الحق، جاويد حنيف ۽ عبدالحفيظ شامل هئا. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وف??قي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وزيراعظم جو سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ??تحده قومي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي انتهائي اهم اتحادي پارٽي آهي، ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حوالي سان اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪنداسين. هن چيو ته ڪراچي ملڪ جو اهم ترين شهر ۽ ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ان شهر جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته ??لاقات ۾ مالي سال 25 – 2024ع جي وف??قي بجيٽ ??ي پڻ مشاورت ٿي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد وف??قي بجيٽ ??ي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم متحده قومي موومينٽ پاران بجيٽ ??جويزن ??ي آجيان ڪئي.
وزيراعظم پاران ايم ڪيو ايم جي بجيٽ تجويزن جي آجيان، ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪنداسين: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال