سرينگر-03 آگسٽ (اي پي پي)ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سرينگر ۽ ٻين علائقن ۾ پوسٽر لڳايا ويا آهن ج?? ذريعي ماڻهن تي زور ڀريو ويو آ??ي، ته هو 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير ڪاري ڏهاڙي طور ملهائن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق نريندر مودي جي قيادت هيٺ بي جي پي جي هندو پرست ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي آئين ج?? 370 ۽ 35 اي شقن کي رد ڪري ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ڇڏي هئي. ان غير قانوني ۽ هڪ طرفي ڪارروائي خلاف ڪشميرين ج?? احتجاج کي روڪڻ لاءِ سڄي والاريل علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪيو ويو هو ۽ ڪشمير وادي، ڄمون ۽ لداخ ۾ 500 ڏينهن کان وڌيڪ وقت تائين انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروسز معطل ڪيون ويون هيون. پوسٽرن ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت عالم بٽ، شبير ا??مد شاه، م??مد ياسين ملڪ، مير واعظ عمر فاروق، آسيه اندرابي ۽ نعيم ا??مد خان ج??ن تصويرون موجود آهن. پوسٽرن ۾ لکيل آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو عوام 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن کي واپس وٺڻ، گڏيل قومن ج?? ٺهرائن مطابق ڪشمير تڪرار جي حل، سمورن سياسي نظربندن ج?? آزادي ۽ ڀارتي فوجين طرفان والاريل علائقي ۾ جاري انساني حقن ج?? ڀڃڪڙين ج?? خاتمي جو مطالبو ڪري رهيو آهي. پوسٽر سماجي رابطن ج?? سائٽن ٽوئٽر، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ وغيره تي پڻ اپلوڊ ڪيا ويا آهن.
ڪشميري 5 آگسٽ تي يوم استحصال ڪشمير ڪاري ڏهاڙي طور ملهائيندا، والاريل ڪشمير ۾ پوسٽر لڳايا ويا
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت