لاهور -24 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آ??ي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات جاک??ڙي رهي آ??ي، 9 مئي جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن حضرت داتا گنج بخش جي مزار جي اڱڻ ۾ مسجد نبوي جي طرز تي ڇٽين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته محمد نواز شريف ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ۽ ايٽمي طاقت بڻايو. معيشت کي هلائڻ سچ آن يا آف ڪرڻ جهڙو نا??ي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات جاک??ڙي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت جي مثبت پاليسين عيوض ملڪ ۾ مهانگائي گهٽجي رهي آ??ي، بجلي جو مسئ??و جلد حل ڪري عوام کي رليف ڏينداسين. اسحاق ڊار چيو ته الله تعاليٰ جي فضل سان دهشتگردي جو جلد خاتمو ايندو. قومي سلامتي ۽ ا??ارن تي حملا اسان جي ريڊ لائين آهن، جيڪڏهن ڪنهن ريڊ لائين پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن جي هتي ڪا گنجائش نا??ي، 9 مئي جي واقعن جي حوالي سان پڇ??ل سوال جي جواب ۾ اسحاق ڊار چيو ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪري رهيو آ??ي، 9 مئي جي ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي.
حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهي آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام