اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت ??ار?? وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ امن ??ائ?? ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ امن ممڪن نه آهي، دنيا ۾ امن ??ائ?? ڪرڻ مهذب ملڪن جي ذمي??ار?? آهي، علائ??ائ?? تعاون ۽ ڊيجيٽل اڪانومي وقت جي اهم ضرورت آهي، جيستائين اڪانومي جي ڊيجيٽلائيزيشن طرف نه وڌنداسين اسان ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي وينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ چائنا ميڊيا گروپ جي اهتمام هيٺ ايس سي او جي حوالي سان ميڊيا ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير ايس سي او ڪانفرنس منعقد ٿيڻ کان اڳ چائنا ميڊيا گروپ پاران ميڊيا ورڪشاپ منعقد ڪرڻ کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته شنگهائي فائيو کان شروع ٿيندڙ ايس سي او ۾ گذريل سال بيلاروس جي شموليت سان ان جي مستقل ميمبرن جو انگ 10 ٿي ويو آهي جهڙي طريقي سان ان فورم ۾ علائ??ائ?? مسئلن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جو انعقاد هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن اسان جي معيشت ترقي ڪري رهي آهي، معيشت جي حوالي سان روزانو سٺيون خبرون اچي رهيون آهن ۽ معاشي ترقي جا ثمر عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته ايس سي او جي پاڪستان ۾ انعقاد سان پاڪستان جي تشخص ۽ روشن مستقبل کي سگهه ملندي. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته آستانه ۾ گذريل ايس سي او جي موقعي تي ڪجهه معاهدن تي اسان صحيحون ڪيون، ان حوالي سان علائ??ائ?? تعاون ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ تشدد جي خاتمي کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. هن چيو ته گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي جي تمام وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۾ اسان جا 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا. اها قرباني رڳو پاڪستان جي لا??ِ نه پر دنيا ۾ امن ??ائ?? ڪرڻ جي لا??ِ ڏني وئي، دنيا ۾ امن ??ائ?? ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لا??ِ پاڪستان وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان ڪوششن سان خطي ۾ امن کي فروغ ملندو. موسمياتي تبديلي جي نقصانن جو ذڪر ڪندي اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته مالياتي انضمام ۽ معاشي استحڪام ۾ ڪيترائي معاملا موسمياتي تبديلي سان واڳيل آهن، اسان کي پائيدار ترقي جي راهه ۾ موسمياتي تبديلي جو سڀ کان وڏو چئلينج درپيش آهي، اسان گڏيل قومن سميت هر فورم تي ان مسئلي کي اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو زهريلي گئسن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي ۽ موسمياتي تبديلي جي نقصانن جو سڀ کان وڌيڪ ڪِيتو پاڪستان کي ڀوڳڻو پوي ٿو. موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ علائ??ائ?? تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي هن چيو ته ٻيا ملڪ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته اسان موسمياتي تبديلي جي ايجنڊا تي بهتر طريقي سان ڪم ڪري سگهنداسين. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي حوالي سان جيتري آگاهي پيدا ڪئي وڃي ايتري گهٽ آهي. هن چيو ته ايس سي او سربراهي ڪانفرنس جي ايجنڊا تي جتي دهشتگردي جي خاتمي ۽ علائ??ائ?? سلامتي جي ايشوز تي ڳالهه ٿيندي، اتي موسمياتي تبديلي جي ايجنڊا پڻ غور هيٺ ايندي. هن چيو ته هن وقت اسان جي پائيدار ترقي کي سڀ کان وڌيڪ ??تاثر ڪندڙ مسئلو موسمياتي تبديلي آهي. حڪومت جو موسمياتي تبديلي تي وڏو فوڪس آهي، اسان سمجهون ٿا ته ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ تعاون ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي. موسمياتي تبديلي جي حوالي سان اسان پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪريون ته ان سان نه رڳو پاڪستان پر ايس سي او جا ٻيا ميمبر ملڪ پڻ فائدو کڻي سگهندا. عالمي امن جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته اسان سدائين ايس سي او جي پليٽ فارم تي عالمي امن جي ڳالهه ڪئي آهي، آستانه ۾ ايس سي او جي گذريل اجلاس ۾ اسان فلسطين جي مسئلي تي زور ڏنو هو ۽ پنهنجو موقف پيش ڪيو هو ته وچ اوڀر ۾ امن ??ائ?? ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ امن ممڪن نه آهي. هن چيو ته دنيا ۾ امن ??ائ?? ڪرڻ مهذب ملڪن جي ذمي??ار?? آهي. وچ اوڀر ۾ جيڪڏهن صورتحال اها ئي رهي ته دنيا کي ان جو نقصان ٿيندو. هن چيو ته دنيا کي اهو مڃڻو پوندو ته فلسطين ۾ باقاعده منصوبابندي تحت معصوم فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪئي پئي وڃي، اسرائيل جنگي ڏوهن جو مرتڪب ٿي رهيو آهي، جنگ جي آڙ ۾ شهري آبادين، اسپتالن، ٻارن ۽ عورتن کي وائيٽ فاسفورس، بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته اهي ڪهڙا جنگي اصول آهن جنهن تحت اسرائيل وائيٽ فاسفورس ۽ منع ٿيل هٿيار استعمال ڪري فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪري رهيو آهي؟ هن چيو ته فلسطين ۾ هڪ آٽسٽڪ ٻار کي به نشانو بڻايو ويو، ان ٻار جو ڪهڙو ڏوهه هو؟ ان ڪهڙي طرح اسرائيل جي سيڪيورٽي کي متاثر ڪيو هو؟ اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته اسرائيل جنگي ڏوهن جو مرتڪب آهي ۽ اهو به نه ڏسي رهيو آهي ته هو ڪنهن اسپتال تي بمباري ڪري رهيو آهي ۽ ٻارن کي ماري رهيو آهي. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ايس سي او جو ميمبر ملڪ هجڻ جي طور تي پنهنجي ذمي??ار?? سمجهندي اهي نقطا اجاگر ڪيا ته فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ ڪئي پئي وڃي ۽ اسرائيل جنگي ڏوهن جو مرتڪب ٿي رهيو آهي، اسرائيل جو احتساب ٿيڻ گهرجي. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته جڏهن اسان امن ۽ سلامتي جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ڇا اهو ممڪن آهي ته اسان کان ڪجهه پري نسل ڪشيءَ جي مهم هلي رهي هجي، جنگي ڏوهه ٿي رهيا آهن ۽ انهن جنگي ڏوهن ۾ ملوث ملڪ جو احتساب به نه ٿئي ۽ امن ??ائ?? ٿي وڃي؟ هن چيو ته اهو تمام وڏو ايشو آهي جنهن کي حل ٿيڻ گهرجي. اسان ايس سي او ۽ گڏيل قومن جي فورمز تي فلسطين جي معاملي تي موثر ۽ زوردار آواز اٿاريو آهي. فلسطين جي معاملي تي اسان جو واضح موقف آهي، اسان 1967ع کان اڳ جي فلسطيني سرحدن کي تسليم ڪريون ٿا جنهن جي گادي ??ار?? شهر القدس الشريف هجي. هن سوال ڪيو ته وچ اوڀر ۾ امن کانسواءِ جڏهن دنيا ۾ امن ??ائ?? نه ٿو ٿي سگهي ته پوءِ علائ??ائ?? سلامتي ۽ تعاون ڪيئن اڳتي وڌندو؟ مالياتي انضمام ۽ معاشي تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جا معاشي انگ اکر بهتر ٿيا آهن، پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي. پاڪستان جي هڪ اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ آهي جيڪا اسان کي پنهنجي پاڙيسري ملڪن، علائ??ائ?? پارٽنرز ۽ وچ اوڀر سان واپار جو موقعو فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته اسان وٽ ڪراچي ۽ گوادر جون بندرگاهون موجود آهن، زميني رستا آهن، جتي اسان ٻين ايشوز جي ڳالهه ڪريون ٿا اتي تمام اهم آهي ته اسان ميمبر ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري، واپار ۽ علائ??ائ?? تعاون کي وڌائڻ جي لا??ِ وڌيڪ ??الياتي انضمام ۽ معاشي تعاون تي زور ڏيون. هن چيو ته پاڪستان کي هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ 8.8 ا??ب ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو موصول ٿيو جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. اسان جي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ ايترو اضافو اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿيو. هن چيو ته اسان جو آءِ ايم ايف پروگرام 7 ا??ب ڊالر جو آهي ۽ ٽن مهينن جو مٽاسٽا جو ناڻو 8.8 ا??ب ڊالر آهي. وفاقي وزير چيو ته چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات آءِ ايم ايف پروگرام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته مالياتي انضمام، معاشي تعاون ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسان وٽ دنيا جو ٻيو وڏو انگ فري لانسرز جو آهي. هن چيو ته اسان جو ٽيڪنالاجي جو شعبو اڳتي وڌي رهيو آهي. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته اڳتي وڌڻ جي لا??ِ علائ??ائ?? تعاون ۽ ڊيجيٽل اڪانومي ضروري آهي، جيستائين اڪانومي جي ڊيجيٽلائيزيشن طرف نه وڌنداسين اسان ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي وينداسين. هن چيو ته اسان ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم شروع ڪيو، تمام گهٽ وقت ۾ ٽيڪس فائيلرز جو انگ ٻيڻو ٿي ويو آهي. هن چيو ته پاڻ ۾ تعاون ۽ رابطي جي فروغ جي لا??ِ مالياتي انضمام ۽ ڊيجيٽل اڪانومي جو وڏو اهم ڪردار آهي، اهڙا ملڪ جيڪي ڊيجيٽل ڊومين ۾ وڌيڪ ??هارت رکن ٿا، اسان انهن سان وڌيڪ حصيداري ڪري سگهون ٿا، سنگل يونيفائيڊ نظام يعني ڊيجيٽل اسپيس سمورن ملڪن کي ميسر هجڻ گهرجي ۽ ڊيجيٽل اڪانومي جو اهڙو پليٽ فارم آڻڻ جي ضرورت آهي جنهن سان سمورا ملڪ فائدو کڻي سگهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ بي پناهه موقعا موجود آهن، اسان جي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو آهي، ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جو پاليسي ريٽ هيٺ آيو آهي، اسان جو آءِ ٽي ايڪسپورٽس 3.2 بلين ڊالر تي آهي، مجموعي روانگي واپار ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن، اهي سموريون شيون علائ??ائ?? تعاون کانسواءِ ممڪن نه هيون. هن چيو ته دوست ملڪن سان تعاون ۽ معاهدن کانسواءِ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو نه ٿو ٿي سگهي. بهتر ۽ روشن مستقبل جي لا??ِ ضروري آهي ته اسان ڊيجيٽل اڪانومي طرف وڌون، ايس سي او سان اسان جو روشن مستقبل واڳيل آهي، ان کي وڌيڪ ??ستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي. هڪ ذميوار ملڪ جي حيثيت سان اسان پنهنجو ڪردار جاري رکنداسين. هن چيو ته ثقافتي ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا ضروري آهي، اسان کي پنهنجي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. انشاءَ الله خطي جي عوام جي لا??ِ خوشحالي آڻينداسين.
وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ امن ممڪن نه آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ