گلگت – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ گلگت بلتستان جي وڏي و??ير گلبر خان جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. گلگت بلتستان جي وڏي و??ير ۽ گورنر وزيراعظم کي ملڪ ۾ تازي معاشي استحڪام تي خراج تحسين پيش ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گلگت بلتستان ۾ ڪيترن ئي ترقياتي م??صو??ن جي پيڙهه جي پٿر ۽ افتتاح تي و??يراعظم جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي و??يراعظم هدايت ئي ته گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ انهن ترقياتي م??صو??ن جي جلد کان جلد تڪميل يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڀلائي جي لاءِ سرگرم عمل آهي. وزيراعظم کي گلگت بلتستان جي وڏي و??ير روايتي چوغي ۽ ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو.
وزيراعظم سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania