اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سا?? پاڪستان ۾ الجيريا جي سفير ابراهيم روماني مل??قات ڪئي. هتي جاري بيان موجب مل??قات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن، اسٽارٽ اپس، سائبر سيڪيورٽيءَ جي ميدان ۾ ناتن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان الجيريا سا?? ناتن کي وڏي قدر جي نگاهه سا?? ڏسي ٿو. پاڪستان، الجيريا جي آءِ ٽي، ٽيليڪام سيڪٽر ۾ ناتا تمام اهم آهن، الجريا، پاڪستان جي ٽيڪ جي ميدان ۾ تجربن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. شزه فاطمه چيو ته پاڪستان، الجيريا وچ ۾ اسٽوڊنٽس، اسٽارٽ اپس، انٽر پرينيوئر جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. پاڪستان، الجيريا جي نوجوانن لاءِ آءِ ٽي ٽ??يننگ پروگرامز جو بندوبست ڪ??ي سگهي ٿو. شزه فاطمه چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام جي حوالي سا?? ٻنهي ملڪن وچ ۾ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو هئڻ تمام ضروري آهي. چاهيون ٿا ته پاڪستان، الجيريا جي ٽيڪ ڪمپنين، اسٽارٽ اپس جو گڏيل سيمينار جلد منعقد ٿئي. الجيريا جي سفير چيو ته سندس ملڪ پاڪستان سا?? آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام سيڪٽر ۾ ناتن ۾ واڌ جو خواهشمند آهي. پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام سيڪٽر ۾ ترقي تعريف جوڳي آهي.
مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان پاڪستان ۾ الجيريا جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ