اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شام مان وطن واپسي جي خواهشمند پ??ڪس??انين جي پاڙيسري ملڪن جي ذريعي جلد کا?? جلد محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ شام جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پ??ڪس??انين جي انخلا بابت اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم شام مان وطن واپسي جي خواهشمند پ??ڪس??انين جي پاڙيسري ملڪن جي ذريعي جلد کا?? جلد محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن حڪم ڏنو ته شام ۾ رهندڙ پ??ڪس??انين جي محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته شام ۾ رهندڙ پ??ڪس??انين جي جان ۽ مال جي حفاظت اسان جي اولين ترجيح آهي. ان مقصد جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. وزيراعظم دمشق ۾ پ??ڪس??اني سفارتخاني کي معلومات ڊيسڪ ۽ پ??ڪس??انين سان رابطي جي لاءِ هيلپ لائين قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن حڪم ڏنو ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ تائين پرڏيهي آفيس جو ڪرائيس مئنيجمينٽ يونٽ ۽ شام ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن ۾ پ??ڪس??اني سفارتخانن ۾ معلوماتي ڊيسڪ 24 ڪلاڪ فعال رهن. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار، دفاع و??ري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اقتصادي معاملن و??ري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خصوصي معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران شام مان وطن واپسي جي خواهشمند پاڪستانين جي پاڙيسري ملڪن جي ذريعي جلد کان جلد محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت