اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ اسلام آباد احمد شهزاد گوندل قومي خابرو اداري (اي پي پي) ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس ۾ نامزد مرڪزي جو??بد??ر ارشد مجيد چوڌري سميت 5 جو??بد??رن کي 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. قومي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اي پي پي جي اڳوڻي مئ??يجر اڪائونٽس ارشد مجيد، سندس پٽ تيمور ارشد، سعد يوسف، قيصر جواد ۽ فواد خان کي عدالت ۾ پيش ڪيو. ريمانڊ ۾ ايف آءِ اي گذارش ڪئي ته جو??بد??رن کان وڌيڪ جاچ، رڪارڊ ۽ رقم جي برآمدگي جي لاءِ 7 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ گهربل آهي. ايف آءِ اي جي سب انسپيڪٽر احتشام گوندل عدالت کي ٻڌايو ته اڳوڻي مئ??يجر اڪائونٽس ارشد مجيد 18 ملازمن کي پگهارون جاري ڪرڻ جون صحيحون ڪيون جيڪو غيرقانوني قدم آهي جڏهن ته عثمان يونس بطور آڊٽ انچارج ان فراڊ ۽ دوکيبازي ۾ ملوث آهي. جو??بد??رن کان د??تا??يزن جي برآمدگي ۽ اي پي پي کان ورتل پگهار جي مد ۾ وصول ??ند?? رقم برآمد ڪرڻ جي لاءِ جو??بد??رن جو 7 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي. جاچ آفيسر احتشام گوندل چيو ته اسان جي جاچ موجب انهن مقررين جو نه ته اداري نوٽيفڪيشن ڪيو آهي، نه ئي ايڇ آر ڊپارٽمينٽ ۾ انهن جو رڪارڊ آهي ۽ نه ئي ميڊيڪل رپورٽ اداري کي پيش ڪئي وئي آهي. اهي ڀرتيون اداري جي سربراهه جي جعلي صحيحن جي ذريعي ڪيون ويون آهن. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته قومي خابرو اداري اي پي پي جي مئ??يجنگ ڊائريڪٽر ۽ مئ??يجر ايڇ آر کان به جاچ ڪئي آهي جنهن سان ثابت ٿيو آهي ته اهي مقرريون انهن جي منظوري سان ناهن ٿيون. عدالت کي ٻڌايو ويو ته انهن مان ڪيترائي ملازم ٽن ٽن مهينن جون پگهارون وٺي چڪا آهن. انهن جي ريڪوري ۽ انهن مقررين جي جعلي د??تا??يزن جي برآمدگي جي لاءِ جو??بد??رن جو جسماني ريمانڊ ضروري آهي. اڳوڻي مئ??يجر اڪائونٽس ارشد مجيد چوڌري جو پٽ تيمور ارشد پڻ فائدا وٺندڙن ۾ شامل آهي. ان ڪيس بابت سمورو رڪارڊ ارشد مجيد وٽ آهي، ان جو به جسماني ريمانڊ ضروري آهي. ان ڪيس ۾ نامزد جو??بد??رن مان ڪيترائي رشتيدار آهن جڏهن ته اهو به ثابت ٿئي ٿو ته ان ڪيس جو مرڪزي ڪردار مئ??يجر اڪائونٽس ارشد مجيد چوڌري آهي. اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر خرم بيگ عدالت کي ٻڌايو ته جو??بد??رن جعلي ڪاغذ تيار ڪري جعلي صحيحن جي ذريعي ڀرتيون ڪيون ۽ اڳوڻي مئ??يجر اڪائونٽس ارشد مجيد انهن کي پگهارون جاري ڪيون. خرم ملڪ ٻڌايو ته انهن ڀرتين جي منظوري نه ته مقرري ??ند?? عملدارن کان ورتي وئي هئي نه ئي ايڇ آر جي رڪارڊ ۾ موجود آهي. گرفتار 5 جو??بد??رن مان 4 جو??بد??ر اهڙا آهن جن اي پي پي کان پگهار جي ذريعي غيرقانوني فائدا حاصل ڪيا جڏهن ته اڳوڻي مئ??يجر اڪائونٽس جون صحيحون موجود آهن جنهن جي ذريعي انهن کي پگهار جاري ٿيندو رهيو. ٻڌڻي دوران جج احمد شهزاد گوندل ايف آءِ اي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ان ڪيس ۾ مقرري ??ند?? عملدارن کان به جاچ ڪئي وئي ته ان جي جواب ۾ انسپيڪٽر ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته اي پي پي جي ايم ڊي سميت مئ??يجر ايڇ آر کان به ان معاملي تي جانچ ڪئي وئي جنهن مان اهو ثابت ٿيو آهي ته ڄاڻايل ڀرتيون جعلي ۽ غيرقانوني د??تا??يز تيار ڪري ڪيون ويون آهن. جنهن تي جج چيو ته غيرقانوني ڀرتي ٿيندڙن کان رقم واپس وٺڻي هوندي آهي، وڌيڪ انويسٽيگيشن سان ثابت ٿيندو ته ڇا اهي ڀرتيون جعلي آهن. جج حڪم ڏنو ته جو??بد??رن جي خلاف ٿيندڙ محڪماڻي انڪوائري رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران ارشد مجيد ۽ تيمور ارشد پاران عامر عباس ملڪ، جو??بد??ر سعد يوسف پاران راشد عمر اولک عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪئي. عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي پنجن ئي جو??بد??رن کي 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ايف آءِ اي اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور جي عدالت پاران جو??بد??رن جون عبوري ضمانتون رد ٿيڻ تي عدالت جي ڪمري ٻاهران جو??بد??رن کي گرفتار ڪيو هو. ايف آءِ اي قومي خابرو اداري اي پي پي ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس ۾ جو??بد??رن تي ايف آءِ آر داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪئي هئي.
اسلام آباد جي عدالت پاران اي پي پي ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس ۾ نامزد مرڪزي جوابدار ارشد مجيد چوڌري سميت 5 جوابدار 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ