غزه -20 نومبر (اي پي پي) غزه ۾ اسرائيل جي فوجي ڪارروائين ۾ وڌيڪ 3 صحافي شهيد ٿي وي?? آهن، جنهن بعد شهيد ٿيل صحافين جو مجموعي انگ 48 ٿي ويو آهي. سعودي نشرياتي اداري مطابق اسرائيل جي فو?? جي حملي ۾ صحافي ۽ غيرسرڪاري تنظيم پريس هاس فلسطين جي بورڊ جي سربراه بلال جاد الله شهيد ٿي ويو جڏهن ته اسرائيل جي فوج طرفان م??اجر ڪيمپ تي حملي دوران فري لانس صحافي حسونه سليم ۽ ساري منصور البوريج پڻ حياتي وڃائي ويٺا. نيويارڪ ۾ موجوده ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) مطابق 6 هفتن کان جاري ويڙهه ۾ هاڻي تائين 48 صحافي شهيد ٿي چڪا آهن. سي پي جي طرفان جاري فهرست ۾ شامل صحافين ۾ رائيٽرز جو صحافي اعصام عبدالله پڻ شامل آهي، جيڪو 13 آڪٽوب?? تي اسرائيل جي سرحد وي??هو لبنان ۾ مارجي ويو هو. انگن اکرن مطابق مارجي ويل صحافين جي فهرست ۾ 43 فلسطيني، 4 اسرائيلي ۽ هڪ لبناني شامل آهن.
غزه ۾ اسرائيل جي فوج جي ڪارروائين ۾ وڌيڪ 3 صحافي شهيد، انگ 48 ٿي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار