گڏيل قومن – 13 مارچ (ا?? پي پي) فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس اداري(يو اين آر ??بل??و اي) جي ڪمشنر جنرل فلپ لازاريني چيو آهي ته اسرائيلي اختيارين طبي سامان ۾ قينچي موجود هجڻ تي امدادي ٽرڪ کي غزه ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اردو نيوز مطابق يو اين آر ??بل??و اي جي سربراه ٻڌايو ته اسرائيلي اختيارين غزه لاءِ انساني بنيادن تي سامان سان ڀريل هڪ ٽرڪ کي واپس موڪلي ڇڏيو ڇو ته طبي ڪٽس اندر قينچي موجود هئي. هن اسرائيل تي ضروري طبي سامان روڪڻ جو الزام لاڳو ڪيو. هن چيو ته اسرائيلي فوج بيهوشي جي دوائن ۽ پاڻي صاف ڪرڻ واري گولين جهڙي شين تي ان لاءِ پابندي لڳائي ته ان جو ٻيٽو استعمال ممڪن آهي. امدادي تنظيمن اسرائيلي اختيارين طرفان رمضان شريف دوران کجين جي (ترسيل جي) اج??زت ڏين کان انڪار تي اهڙي طرح خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados