باڪو – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان هم آهنگ تصورن جي ذريعي هڪ جهڙا خيال رکندڙ آهن، اسان سمجهون ٿا ته سمورن علائقائي ۽ عالمي م??ئل?? کي عالمي قانون جي فريم ورڪ تحت ڳالهين ۽ پرامن ذريعن سان حل ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي، وزيرا??ظم چيو ته هو ٻين جي کلي جارحيت باوجود پرامن پاڙيسري ۽ ترقي جي لاءِ امن جا ترجما?? رهيا آهن تنهن هوندي به امن جي اصولن تي ڪاربند رهڻ جو غلط مطلب وٺندي ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي ڄمون ۽ ڪشمير ۽ نگورنو ڪارا??اخ ??ي م??ئل?? تي هڪٻئي جي لاءِ حمايت، ويجهي افهام و تفهيم ۽ خيالن ۾ هم آهنگي جو ثبوت آهي. نگورنوڪارا??اخ تي پاڪستان ??ي موقف جو ورجاءُ ڪندي وزيرا??ظم نواز شريف والاريل آذري علائقن جي واپسي، آرمينين فوج جي نڪرڻ ۽ پناهگيرن جي واپسي جو مطالبو ڪيو.
پاڪستان ۽ آذربائيجان هڪ جهڙا خيال رکندڙ آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز