نڙهه – ڪهوٽا – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۾ اقتصادي ۽ دفاعي ميدان ۾ ترقي مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ئي ٿي آهي، پڳڙيون اڇلائيندڙ، لاڳيتو ڪوڙ ڳالهائيندڙ ۽ اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪندڙ ڪڏهن پ??ڪس??اني عوام جو ليڊر نه ٿو ٿي سگهي، پ??ڪس??ان ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن آهي، مخالفن کي ترقي ??ضم نه ٿي رهي آهي ۽ هو ان جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نڙهه، ڪهوٽا ۾ هڪ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪ??دي ڪيو. جلسي کي پ??ڪس??ان مسلم ليگ (ن) جي چيئرمين راجا ظفرالحق، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي ۽ صوبائي وزير راجا اشفاق سرور پڻ خطاب ڪ??و. وزيراعظم تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال کي جديد بڻائڻ، 12 اسڪولن کي هايئر سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏيڻ، ڇوڪرين جي لاءِ ڪاليج ق??ئم ڪرڻ، ڪهوٽا ۽ ڪلرسيدان ۾ 100 ڪلوميٽر رستن جي تعمير جي لاءِ فنڊن جي فراهمي جو اعلان ڪيو.
پاڪستان ۾ ترقي مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ئي ٿي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج