اسلام آباد – 23 م??رچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جو قيام هڪ جمهوري جدوجهد جي نتيجي ۾ عمل ۾ آيو، ان جي بقاءُ ۽ ترقي به جمهوريت ئي سان لاڳاپيل آهي، مون کي يقين آهي ته پارليامينٽ، عوام ۽ سمورا ??دا??ا ان مقصد جي لا??ِ هم آهنگي سان ڪم ڪندا، هن اها ڳالهه يوم پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. صدر يوم پاڪستان جي پرُمسرت موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته هي ڏينهن هر سال اسان کي ننڍي ??نڊ جي مسلمانن جي انهن نظرين، اصولن، پاڪ مقصدن ۽ اتحاد جي ياد ڏياري ٿو جنهن جي ڪري هو پنهنجي خواب جي تعبير ۾ ڪامياب ٿيا. هن چيو ته 77 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن ننڍي ??نڊ جي مسلمانن پنهنجي تهذيب، روايتن ۽ ثقافتي قدرن جي مطابق زندگي گذارڻ جي لا??ِ هڪ ڌار ملڪ حاصل ڪرڻ جي اڻٽر عزم جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی