گڏيل قومون – 05 مئي (اي پي پي) پاڪستان غلط معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سڄي د??يا لاءِ پرامن، شفاف ۽ جامع معلومات کي هٿي ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عامر خان گذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ يو اين ??ميٽي آن انفارميشن جي 45 هين سيشن جي پڃاڻي تي متفقه طور تي ٺهراءُ جي منظوري کي ساراهيو. پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ماتحت اداري ڪميٽي آن انفارميشن جي 45 هين اجلاس جي صدارت ڪ??ي ۽ ايئن ٻيون ڀيرو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ماتحت تنظيم ڪميٽي جي قيادت ڪئي آهي، جنهن ۾ پاڪستان غلط معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سڄي د??يا لاءِ پرامن، شفاف ۽ جامع معلومات کي هٿي ڏيڻ لاءِ اتحاد جي اپيل ڪئي. ٺهراءُ جي مسودي ۾ اڄ جي د??يا ۾ معلومات جي اهميت جي توثيق ڪئي و??ي ۽ قابل اعتماد، صحيع ۽ وقت سر معلومات تائين پهچ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ميمبر ملڪن س??ن گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. سيشن ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن جي پريس ڪونسلر مريم شيخ شرڪت ڪئي. پاڪستاني نمائندي سمورن ميمب?? رياستن تي زور ڏنو ته ٺهراءُ جي شقن تي عمل لاءِ قدم کنيا وڃن.
پاڪستان جي عالمي برادري کي غلط معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ شفاف ۽ جامع معلومات کي هٿي ڏيڻ لاءِ اتحاد جي اپيل
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون