گڏيل قومون-15 نومبر (اي پي پي) پا??ستان گڏيل قومن کي ٻڌايو آهي ته غزه ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) کي بند ڪرڻ لاءِ اسرائيلي قانونسازي لکين فلسطينين کي افراتفري ۾ ڌڪي ڇڏيندي، عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزه ۾ فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اهم ??ائ?? ??ائ?? يو اين آر ڊبليو اي جي ڀرپور حمايت ڪري. گڏيل قومن ۾ پا??ستان مشن ۾ فرسٽ سيڪريٽري انصر شاهه گذريل ڏينهن جنرل اسيمبلي جي پوليٽيڪل اينڊ ڊي ڪالونائيزيشن بابت چوٿين ڪميٽي ۾ بحث دوران چيو ته اسرائيل طرفان يو اين آر ڊبليو اي خلاف پروپيگنڊا ۽ ان جي امدادي سرگرمين کان روڪڻ گهرجي ۽ اسان کي ان ڳالهه کي ??قي??ي بنائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن ته يو اين آر ڊبليو اي فعال رهي ۽ پنهنجي مينڊيٽ موجب انساني همدردي جي ڪمن کي سرانجام ڏي. پا??ستاني نمائيندي انصر شاهه چيو ته عالمي برادري کي فلسطيني عوام جي اميد ۽ وقار کي بحال ڪرڻ لاءِ انصاف، انساني حقن، بين الاقوامي قانون جي اصولن کي برقرار رکڻ گهرجي، هن چيو ته پا??ستان يو اين آر ڊبليو اي جي امدادي ڪاررواين کي ختم ڪرڻ جي اسرائيلي ڪوششن جي مذمت ڪئي. پا??ستاني نمائندي لکين فلسطينين لاءِ سنگين خدشن کي اجاگر ڪيو ته اسرائيلي قدمن سان ضروري عوامي خدمتن جهڙوڪ تعليم، صحت ۽ سماجي مدد ختم ٿي وينديون جن تي سندن زندگي جو دارومدار آهي. هن چيو ته غزه جي سموري آبادي کي خدشو آهي ته ان جي واحد ??ائ?? ??ائ??ن ختم ڪئي ويندي. ميمبر ملڪن جي مداخلت کانسواءِ يو اين آر ڊبليو اي بند ٿي ويندو جنهن سان لکين فلسطيني افراتفري ۾ هليا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته فلسطيني عوام جي پڪار جو جواب ڏيڻو پوندو. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن عالمي برادري چارٽر ۽ عالمي قانونن جي پاسداري لاءِ ٺوس قدم نه کنيا ته گڏيل قومن جي چارٽر جي بنياد تي ٺاهيل عالمي نظام تباهه ٿي سگهي ٿو. هن فلسطينن لاءِ پا??ستان جي مستقل حمايت ۽ ان جي خود اراديت واري حق ??و ورجاءُ ڪندي چيوته عالمي برادري کي فلسطيني برادري جي اميد ۽ وقار جي بحالي لاءِ انصاف، انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي اصولن کي برقرار رکڻ گهرجي.
اسرائيل کي يو اين آر ڊبليو اي خلاف پروپيگنڊا ۽ ان جي امدادي سرگرمين تي پابندي کان روڪڻ گهرجي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2