برازيليا-18 نومبر (اي پي پي) ترڪيه جي ??در رجب طيب اردوان چيو آھي ته گڏيل قومون، غزه سميت سڄي دنيا ۾ تڪرار رو??ڻ ۾ ناڪام ۽ بحرانن جي ??ل ۾ غير اثرائتو ثابت ٿيون آھن. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ترڪيه صدر جي-20 سربراھي اجلاس جي ??لسلي ۾ برازيل جي ??در لولادي سلوا سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ترڪيه جي ??در چيو ته ترڪيه ۽ برازيل جي لاڳاپن جي ??رقي ۾ اعليٰ سطحي ڳالھيون اھم آھن ۽ ٻنھي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ لا??ِ ڪم جاري رھندو. ھن چيو ته اسرائيلي جارحيت خلاف برازيل جو موقف واکاڻ جوڳو آھي، ترڪيه گڏيل قومن ۾ اسرائيل کي ھٿيار ۽ جنگي سامان جي وڪري کي روڪڻ لا??ِ ڪوشش شروع ڪئي آھي ۽ ان سان گڏوگڏ فلسطين ۾ مستقل جنگبندي، ??نا رڪاوٽ انساني امداد جي فراھمي ۽ ٻه رياستي حل جي ??نياد تي منصفاڻي حل لاءِ پنھنجي ھر ممڪن ڪوشش جاري رکندو. ھن چيو ته گڏيل قومون، غزه سميت سڄي دنيا ۾ تڪرار کي رو??ڻ ۾ ناڪام آھن ۽ بحرانن جي ??ل ۾ غير موثر ثابت ٿيون آھن. ھن برازيل جي، جي- 20 صدارتي اجلاس دوران عالمي انتظامي سڌارن کي ايجنڊا تي آڻڻ جي قدمن کي صحيح قرار ڏنو.
گڏيل قومون، غزه سميت سڄي دنيا ۾ تڪرار روڪڻ ۾ ناڪام ۽ بحرانن جي حل ۾ غير اثرائتو ثابت ٿيون آھن: ترڪ صدر
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز