اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ طرف گامزن آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف پاران چشما ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح قوم جي لاءِ وڏي خوشخبر?? آهي، تعليم، صحت ۽ وا??ار ۾ نجي شعبي جو ڪردار تمام اهم آهي، ماحول سازگار هوندو ته اسان جي صنعت ترقي ڪندي، ملڪ ۾ فلمي صنعت جي ترقي جا وسيع موقعا موجود آهن، ان صنعت جي ترقي عالمي سطح تي ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، هن فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ وا??اري برادري جي تعاون تي زور ڏنو، وزيراعظم جي تعليمي سڌارن واري پروگرام تي ڪم جار?? آهي، نوجوانن ذريعي پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو، جڏهن 2013ع ۾ اسان حڪومت سنڀالي ته اهو آسان سفر نه هو، وزيراعظم جي ويزن تحت ڪم ڪري معيشت جي ترقي ۽ توانائي ??حران تي ضابطو آندو ويو، بجلي جي لوڊشيڊنگ کي 17 ڪلاڪن کان گهٽ ڪري ٽن ڪلاڪن تي آندو ويو آهي جيڪا تمام وڏي ڪامياب?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي دوري جي موقعي تي وا??اري برادري کي خطاب ڪندي ڪيو.
حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ طرف گامزن آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil