اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم جو پاناما ليڪس سان ڪو به تعلق نه آهي، وزيراعظم ۽ شريف خاندان سدائين عدليه ۽ عدليه جي فيصلن جو احترام ڪيو آهي، وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ شهباز شريف پاناما ليڪس ۾ نالو نه هجڻ جي باوجود جي آءِ ٽي ۾ پيش ٿيا. سپريم ??ور?? ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن پاناما ليڪس آئي ته وزيراعظم محمد نواز شريف سپريم ??ور?? کي خط لکيو ته پ??ناما ليڪس تي ڪميشن يا جي آءِ ٽي جوڙ?? وڃي. وزيراعظم محمد نواز شريف جيڪو ٽيون ڀيرو عوام جي مينڊيٽ وٺي وزيراعظم بڻيو آهي اهو شروع ڏينهن کان ئي هي چاهي ٿو ته پ??ناما ليڪس جو جلد آئيني طريقي سان حل نڪري. هن چيو ته اسان جا مخالف جيڪي پهرين ڌرڻا، احتجاج، ڪوڙا الزام ۽ ڪوڙ جو سه??رو وٺي سياست ڪري رهيا هئا پاناما ليڪس کي سياسي حربي طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
وزيراعظم جو پاناما ليڪس سان ڪو به تعلق نه آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania